ٺٽوي رضي الدين فدائي

ٺٽوي، رضي الدين فدائي: مير رضي الدين ٺٽوي، مير ابوالمڪارم شهود ٺٽوي جو ٻيو نمبر پٽ هو. مير رضي الدين جو تخلص فدائي ۽ فدا هو. مقالات الشعرا ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته، ”مير رضي پنهنجي وقت جو ڪامل شاعر هو. تخلص فدائي هو ۽ صاحبِ ديوان هو. سندس شعر ظاهري ۽ باطني ڪمالات سان لبريز آهي.“ مير رضي الدين فدائي جي ڪلام تي ناصر علي سرهنديءَ جو وڏو اثر هو ۽ ٻئي همعصر هئا. هي پنهنجي بزرگن وانگر هندستان ايندو ويندو هو. سندس انتقال 1120هه/1708ع ۾ ٿيو. مير رضي کي هڪ پٽ مير حيدر الدين ابوتراب ڪامل ٺٽوي هو، جيڪو پڻ پيءُ ۽ پنهنجن بزرگن وانگر نامور شاعر ۽ اديب هو. تذڪره امير خاني ۾ پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته، ”ممڪن آهي ته مير رضي جا ناصر علي سرهنديءَ سان دوستيءَ يا شاگرديءَ جا تعلق هجن، ٻئي همعصر هئا.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو